جهنڊيال (??تح جنگ) – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام سان ئي ترقي ٿيندي، ان کانسواءِ ڪو ٻي?? رستو نه آهي، ڪنهن ٽيڪنو ڪريٽ يا غير جمهوري حڪومت پاڪستان کي نه ته ڪڏهن فائدو ڏنو آهي ۽ نه ئي ڏي سگ??ي ٿي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي گذريل چئن سالن جون ڪاميابيون معمولي ناهن، هي ان کان پهرين 15 سال جي ڪمن تي حاوي آهن، 2018ع جي چونڊن ۾ عوام جو جيڪو به ف??صلو هوندو اهو پاڪستان جي عوام قبول ڪندي. هن اها ڳالهه اسلام آباد کان تقري??ن 83 ڪلوميٽر پري ضلعي اٽڪ جي علائقي جهنڊيال ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد، دفاع وارو وزير خرم دستگير، مملڪتي وزير ڄام ڪمال خان، قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ اعتبار خان،صوبائي وزير چوڌري شير علي، پاڪستان آئل فيلڊ جي چيئرمين ۽ سي اي او شعيب ملڪ سميت علائقي جي چڱن مڙسن جو وڏو تعداد موجود هو.
ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام سان ئي ترقي ٿيندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل