اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي قيام پا??ستان ۾ سندس ڪردار تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته اسان کي قائداعظم جي فرمان اتحاد، ??يمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لاءِ قومي جذبي جي ضرورت آه?? ته جيئن ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي. زندگي جي سمورن شعبن ۾ عظيم قائد جي نقش قدم تي هلندي قوم کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري. قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح ئ?? اها شخصيت آه?? جنهن جي ڪري هڪ آزاد ماحول ۾ اسان کي اک کولڻ جو موقعو مليو. قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ ويزن رکندو هو جنهن جي نتيجي ۾ پا??ستان جي شڪل ۾ هڪ ڌار مملڪت قائم ٿي، اڄ اسان کي باباءِ قوم جو يوم ولادت ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جي ضرورت آه??، قوم جي حيثيت سان اسان جي لاءِ سندس سالگرهه جو ڏينهن ملهائڻ فخر جوڳو آه??، وزيراعظم چيو ته هو پوري قوم جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي محبوب قائداعظم محمد علي جناح سان ڀرپور محبت، عقيدت ۽ ٿوري جو اظهار ڪري ٿو.
اسان کي قائداعظم جي فرمان اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لاءِ قومي جذبي جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada