ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مثالي مينڊيٽ ڏنو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي بابت تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو، ڀنڊار ٻيٽ سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ آهن، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت ترقي ڪندي، چاهيون ٿا ته سينيٽ اليڪشن شفاف ٿين ۽ ماضي وانگر ان ۾ وو??ن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿئي. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم سان ڪجهه اچي نه و??ي، اهي رڳو ذاتي مفاد جي لاء?? ڊرا??و ڪري رهيا آهن، انهن جو رخ مختلف آهي ان لاءِ انهن جي منزل هڪ نه ٿي ٿي سگهي، پي ڊي ايم کي عوام جي پذيرائي نه ملي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نه ته ڪا انڊسٽري آهي نه ئي ڪاروبار، ڪراچي جي عوام ماضي جي پارٽين کان تنگ اچي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته وفاقي ح??ومت ڪراچي جي لاءِ ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو جڏهن ته صوبائي ح??ومت ان ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي.
ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مثالي مينڊيٽ ڏنو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب