اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڙين خبرن جي وڌندڙ لعنت جي حوصلا شڪني تي زور ڏنو آهي، ڇاڪاڻ جو اها معاشري ۾ انتشار ۽ ماڻهن جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته ميڊيا اخلاقي قدرن جي فروغ ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پيمرا معلومات جي آزاد??ڻي فراهمي يقيني بڻائي معلومات، تعليم ۽ تفريح جي معيار کي بهتر بڻائي اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران پيمرا جي چيئرمين صدر کي پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزاد??ڻي فروغ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 20 -2019ع پيش ڪئي، هن ملڪ ۾ سچي ۽ صحيح معلومات جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کي به اجاگر ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته معاشري کي ڪوڙين خبرن جو چئلي??ج درپ??ش آهي ۽ اها لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي ذميداري آهي ته هو ڪوڙين خبرن جي پکيڙ کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان سان ماڻهن کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
صدر پاران ڪوڙين خبرن جي حوصلا شڪني تي زور
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز