گڏيل قومون -26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جن??ل جوائس مسويا چيو آهي، ته سوڊان ۾ ويڙهه انساني بحران کي تباهي ۾ تبديل ڪري ر??ي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 15 اپريل کان سوڊان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي ر??يو آهي، سوڊان جي هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ چڪريون شروع ٿيون هيون، اهي عام شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن لاءِ هڪ ڀوائتو خواب آهن. هن چيو ته هن وقت سوڊان ۾ 15.8 ملين فردن کي امداد جي سخت ضرورت آهي. هن خبردار ڪيو ته اهو تڪرار نه رڳو ا??هن ضرورتن کي وڌائي ر??يو آهي، پر ان تڪرار وڏي پئماني تي امدادي ڪارروائين ۾ رڪاوٽ پڻ وڌي آهي، ج??هن سان انساني حياتين کي شديد خطرو درپيش آهي. هن چيو ته 450 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 4 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. گادي واري شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 اسپتالن کي ??قص??ن پهتو آهي ۽ فوجي استعمال يا وسيلن جي کوٽ سبب ا??هن کي بند ڪرڻو پيو آهي. بجلي جي جي اڻهوند ۽ ٻارڻ جي کوٽ سبب ويڪسين جي ذخيري ۽ پاڻي جي فراهمي کي ??قص??ن پهچڻ جو پڻ خطرو آهي، جيڪو بيماري جي پکڙجڻ جو خدشو آهي. هن ٻڌايو ته جن??ي بنيادن جي حوالي سان ڪيتريون ئي پرتشدد رپورٽ سامهون آيون آهن. هن چيو ته دماغي صحت ۽ نفسياتي ڀلائي خاص طور تي ٻارن ۾ ناقابل تصور آهن.
سوڊان ۾ ويڙهه انساني بحران کي تباهي ۾ تبديل ڪرڻ لڳي، 450 ماڻهو فوت ۽ 4 هزار زخمي ٿيا آهن: گڏيل قومن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک