گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هٿيارن جي روڪٿام ۽ عل??ئقائي ۽ عالمي سط?? تي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي پيش ڪيل 4 قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اها قراردادون ڄاڻايل مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي واضح عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. انهن قراردادن جي مسودن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي هٿيارن جي روڪٿام ۽ عالمي سلام??ي بابت فرسٽ ڪميٽي طرفان وڏي اڪثريت سان منظوري ڏني وئي. ان مان 3 قراردادون عل??ئقائي، هٿيارن جي روڪٿام ۽ عل??ئقائي ۽ هيٺين عل??ئقن جي سطحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول سان گڏوگڏ عل??ئقائي ۽ ذيلي عل??ئقن کي نظر ۾ رکندي اعتماد سازيءَ جي قدمن بابت آهن. چوٿين قرارداد ۾ ايٽمي هٿيار نه رکندڙ رياستن لاءِ عالمي سلامتي جي خاطريءَ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. عل??ئقائي ۽ ذيلي عل??ئقن کي نظر ۾ رکندي عل??ئقائي هٿيارن جي روڪٿام ۽ اعتماد سازيءَ جي قدمن جي عنوان هيٺ قراردادن جي جنرل اسيمبليءَ جي بنا ووٽنگ متفقه منظوري ڏني جڏهن ته عل??ئقائي ۽ ذيلي عل??ئقائي سطحن تي روايتي هٿيارن جي ڪنٽرول بابت قرارداد جي حمايت ۾ 186 مي??بر ملڪن ووٽ ڏنو جڏهن ته هڪ صرف هڪ ملڪ ڀارت قراردادن جي مخالفت ڪئي. ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي خطري خلاف ايٽمي هٿيار نه رکندڙ رياستن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ اثرائتي عالمي انتظامن جي عنوان جي عنوان سان قرارداد کي به وڏي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. ان قرارداد جي حق ۾ 123 مي??بر ملڪن ووٽ ڏنو جڏهن ته 62 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان موقعي تي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن چيو ته چارئي قراردادون عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هٿيارن جي ڪنٽرول، خاتمي ۽ اعتماد سازيءَ لاءِ عل??ئقائي ۽ عالمي نقطه نظر جي اهميت کي تسليم ڪن ٿيون.
گڏيل قومون، جنرل اسيمبلي هٿيارن جي روڪٿام ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي پيش ڪيل 4 قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado