لنڊن- 31 جنوري (اي پي پي) برطانيه ۾ ذهني صحت جي مريضن جي هڪ وڏي تعداد الزام لڳايو آهي ته انهن جي عل??ج دوران نيشنل هيلٿ سروس جي عملي انهن کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، قومي اسڪينڊل جي حيثيت رکندڙ ان بيان ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي. گڏيل جاچ ڪميٽي ذريعي اها ??ال??ه سامهون ائي آهي ته ذهني صحت جي 30 کان وڌيڪ ادارن ۾ 2019ع کان وٺي هن وقت تائين ملازمن طرفان مريضن کي جنسي حملن جو نشانو بڻائڻ جون اٽڪل 20 هزار شڪايتون مليون آهن، جاچ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اين ايڇ ايس ٽرسٽ اڪثر واقعن ک?? پوليس وٽ رپورٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ برطانيه ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور مريضن کي جنسي ڏاڍائي کان بچائڻ لاءِ جوڙيل اهم معيارن ت?? پورو نه لٿو آهي. 18 مهينن جي تحقيقات ۾ مريضن ۽ انهن جي ڪٽنبن ذهني صحت جي مريضن لاءِ مخصوص ڪيل يونٽن ۾ رهندڙ مريضن پاڻ سان ٿيل جنسي ڏاڍاين جا واقعا ٻڌ??يا.صحت کاتي جي ترجمان چيو آهي ته جنسي تشدد ناقابل قبول آهي ۽ اين ايڇ ايس تنظيمن جي ذميواري آهي ته هو عملي ۽ مريضن کي هڪ??هڙ?? تحفظ فراهم ڪن. ترجمان وڌيڪ ٻڌ??يو ته اسان ان ??ال??ه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اين ايڇ ايس سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ته ذهني صحت جي ادارن ۾ عل??ج ڪرائيندڙن مريضن کي محفوظ ۽ اعليٰ معيار جي سارسنڀال فراهم ڪري سگهجي.
نيشنل هيلٿ سروس لنڊن ۾ ذهني طور تي بيمار ماڻهن تي 20 هزار جنسي حملن جو انڪشاف
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل