نيويارڪ -19 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي سياحت ڪمپني ??سپيس وي آءِ پي خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. اردو نيوز مطابق آمريڪي لگزري اسپيس ??ياحت ڪمپني ??سپيس وي آءِ پي انسانن کي اسپيس ۾ وٺي وڃي کاڌو کارائڻ جي آڇ ڪري رهي آهي. رپورٽ مطابق 6 مسافر ان مشن جو حصو بڻ??ندا جن کي سمنڊ جي سطح کان هڪ لک فوٽ بلندي تي وٺي وڃي ڊنر ڪرايو ويندو. مسافرن کي اسپيس ??ي اسيپڪٽو ڪمپني ??ي ٺاهيل نيپچيون نالي خاص خلائي ڪيپسول ۾ ويهاري ايئر بيلون ذريعي خلا جي سرحد تائين پهچايو ويندو. ان ايڊونچر جو حصو بڻ??ندڙ ماڻهن کي خاص مينيو تي مشتمل کاڌو کارائڻ لاءِ مشهور شيف راسمس منڪ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.نيپچون نالي ان اسپيس ??پ کي هائيڊروجن سان ڀريل هڪ خلائي ڦوڪڻو منزل ڏانهن وٺي ويندو جتي مسافر ڪيترائي ڪلاڪ ترسي کاڌي جو مزو ماڻي سگهن ٿا. 6 ڪلاڪن جي ان سفر لاءِ مسافرن کي ڪنهن به قسم ج?? تربيت گهربل نه هوندي ۽ انهن لاءِ خاص سوٽ به تيار ڪيا و??ندا جيڪي فرانسيسي فيشن ڪمپني ڊيزائن ڪندي. ان ايڊونچر لا3 ڪير به اپلائي ڪري سگهي ٿو جنهن کي ٽڪيٽ جي قيمت 4 لک 95 هزار ڊالرز (13 ڪروڙ پاڪستاني ??پين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.
آمريڪي سياحتي ڪمپني اسپيس وي آءِ پي پاران خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري، ٽڪيٽ 4 لک 95 هزار ڊالر مقرر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار