بيجنگ-06 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ڪالهه تائيوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر ت??ن 10 نوان گيلي – 3 سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جمعي ڏينهن اتر چين جي صوبي شانزي ۾ واقع تائيوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر کان لانگ مارچ 6- ڪير??ئر راڪيٽ ذريعي 10 نوان گيلي – 3 سيٽلائيٽ لانچ ڪيا و??ا. ??ي اسپيس (Gee Space) جي ملڪيت هيٺ گيلي ٽيڪنالاجي جي ذيلي اداري گيلي – 3 سيٽلائيٽ گيلي فيوچر موبيلٽي ڪنسلٽيشن پراجيڪٽ جو حصو آهي جيڪو مواصلات، نيويگيشن ۽ ريموٽ اسيسنگ لاءِ دنيا جو پهريون واپاري جامع ڪنسلٽيشن آهي. ڪمپني جي منصوبي موجب ڪنسلٽيشن (Constellation) 240 سيٽلائيٽس تي ٻڌل هوندو، جنهن مان 72 کي پهرين مرحلي ۾ 2025ع تائين مقرر ڪرڻ جو منصوبو آهي. ان مستقبل جي سفري ڪنسٽيليشن جي تعمير ذريعي، هڪ نئون فني ماحولياتي نظام بڻايو ويندو، جيڪو گهڻ رخي ڪير??ئر جهڙوڪ آٽو موبائلز ۽ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس ذريعي مڪمل ڪوريج فراهم ڪندو، ڪمپني چيو ته هي سم??رٽ ٽريول، بنا پائليٽ جي نظام، سم??رٽ شهرن ۽ گهڻو ڪجهه کي ترقي جي قابل بڻائيندو، هي لانگ مارچ راڪيٽ سيريز جو 534 هون فلائيٽ مشن هو.
چين فيوچر موبيلٽي لاءِ 10 نوان گيلي – 3 سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج