لاهور – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته آئون ڪوشش ڪندو آهيان ت?? قان??ن موجب ۽ غيرجانبدار رهي هائوس کي هلايان، ايشوز تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ سموري مخالف ڌر کي وقت ڏنو وڃي ٿو، تنقيد جي باوجود پي ٽي آءِ جون استعيفائ??ن منظور نه ڪيون، هڪ شخص هزارين ووٽ کڻي اسيمبلي ميمبر بڻجي ته ان کي ڊي سيٽ ڪ??ڻ نامناسب ڳالهه آهي. هو مقامي هوٽ?? ۾ ??ائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي اجلاس کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي سي پي اين اي جو صدر ضياءَ شاهد، اعجاز الحق، شاهين قريشي سميت ٻيا عهديدار موجود هئا. سردار اياز صادق چيو ته هو دنيا ۾ جتي به ويو سدائين ڪشمير اشو تي ڳالهه ضرور ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان مون کي اسپيڪر نه ٿو مڃي ته هو قانون ۽ پارليامينٽ کي به نه ٿو مڃي، اليڪشن ۾ ٻه ٽي ڀيرا جنهن شخص کي شڪست ڏني هجي ان جا زخم اڃا تائين ناهن ڀريا.
ڪوشش آهي ته قانون موجب هائوس کي هلايان: اياز صادق
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج