اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪشميري عوام تي ظلمن کي موثر انداز ۾ نمايان ڪرڻ جي لاءِ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير ۽ لائن آف ڪنٽرول جو گذريل مهيني دورو ڪندڙ خودمختيار مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي رپورٽ جي وڏي پئماني تي اشاعت ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف احمد سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي جو علائقائي ۽ عالمي سط?? تي اهم ڪردار ??هي. هن خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي او آءِ سي ۽ ڀائر مسلم??ن ملڪن جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔