اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي حوس ۽ لالچ ۾ مبتلا آهي، عمران خان رڳو شيرواني پائڻ چ??هي ٿو ۽ هو ان جي لاءِ هر اهو رستو اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو کيس اوستائين پهچائي?? هڪ اهڙو شخص جيڪو پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جو جواب نه ٿو ڏي اهو ٻين جي احتساب جي ڳالهه ڪهڙي منهن سان ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ها??ي ڪجهه ٻاهريون طاقتون اندروني ماڻهن سان گڏجي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته پاڪستان ترقي ۽ ??وش??الي جو جيڪو سفر شروع ڪيو آهي ان تان ٿڙي وڃي. هن چيو ته سمورين سرويز ۽ تازين چونڊن جي نتيجن موجب وزيراعظم محمد نواز شريف سڀ کان مقبول اڳواڻ آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي. هن چيو ته اڪنامڪ انٽيليجنس يونٽ جي تازي سروي به ان ڳالهه جي عڪاس آهي. مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته ڊگهي عرصي کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل بحال ٿي?? آهي.
عمران خان اقتدار جي حوس ۽ لالچ ۾ مبتلا آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔