اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد ۽ سينيٽر اعظم سواتي چيو آهي ته اليڪشن 2018ع صاف، شفاف ?? غيرجانبداراڻيون هيون، اليڪشن جي رات 2 وڳي تائين اليڪشن ڪميشن کي 51 سيڪڙو نتيجا مل?? ويا هئا، هڪدم آر ٽي ايس بند ٿيڻ سبب نتيجن جي منتقلي متاثر ٿي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين سينيٽر اعظم سواتي سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عام چونڊن جي نتيجن کانپوءِ هر طرف کان آر ٽي ايس تي اعتراض اٿارڻ جو عمل شروع ٿيو، وزيراعظم عمران خان پهرين ئي بريفنگ ۾ اهو واضح ڪيو هو ته ڌانڌلي جا ثبوت س??مهون آندا وڃن ته حڪومت ان تي جاچ ڪندي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے