مري – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جم??وريت جي استحڪام کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جم??وري قدرن جي مضبوطي جي ذريعي قوم کي درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف سڀني کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي جنهن جي لاءِ هزارين قربانيون ڏنيون ويون آهن، هو لارن?? ڪاليج ??هوڙا گلي مري جي 157 ??ين يوم تاسيس جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ پنجاب جو گورنر محمد رفيق رجوانه به موجود هو. وزيراعظم ڪاليج ۾ مختلف ترقياتي ڪمن جي لاءِ 20 ڪروڙ روپين جي فنڊن جي فراهمي جو به اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪاليج انتظاميه استادن جي ڀلائي لاءِ فنڊ قائم ڪري جنهن ۾ حڪومت به مدد فراهم ڪندي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ ملڪ کي مختلف مسئلا درپيش آهن، پر الله جو ڪرم آهي ته اسان سڄي دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جنهن کي دنيا ۾ عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي اولين ترجيح آهي ته ملڪ ۾ جم??وري قدرن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ اسان جي ذريعي کي ملڪ ۽ قوم کي درپيش مسئلن جو حل چاهيون ٿا.
جمهوريت جو استحڪام اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج