سوچي – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ روس جي شهر سوچي ۾ ملاقات ڪئي آهي. ان مو??عي تي شنگهائي تعاون تنظيم سميت ٻين مختلف فورمن تي ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏي?? تي اتفاق ڪيو ويو. ان کانسواءِ ٻنهي اڳواڻن سياست، معيشت، واپار، دفاع سميت اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي به اتفاق ڪ??و آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 19 هين ڪانگريس جي ڪاميابي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيني وزيراعظم کي پوليٽيڪل بيورو جڏهن ته چين جي صدر شي جن پنگ جي پارٽي جنرل سيڪريٽري طور چونڊ تي مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج