اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سازگار ماحول جڙي رهيو آهي، افغانستان خوشحال ٿيندو ته پاڪستان پڻ خ??شحال ٿين??و، افغانستان ۾ امن عمل لاءِ پاڪستان جون ڪوششون دنيا تسليم ڪري رهي آهي. افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان سول ۽ ملٽري سميت سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ تعمير ۾ دلچسپي رکن ٿا. امن جي قيام جي حوالي سان ٻن??ي ملڪن وچ ۾ واپار جون نيون راهون کُلنديون، ان حوالي سان واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود جلد افغانستان جو دؤرو ڪندو. گذريل ڏينهن افغانستان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چي?? ته افغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو اها دنيا ساراهي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔