اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??اڪستان رياست ۽ ملڪي دفاع جي خلاف دشمن جي ايجنڊا تي تيار ڪيل بيانيو ڪنه?? صورت ۾ قبول نه آهي، نواز شريف ۽ سندس خاندان جمهوريت نه پر بادشاهت تي يقين رکي ٿو، قانون کي گهربل اشتهاري لنڊن جي مهانگي فليٽ ۾ ويهي انقلابي بڻجڻ بدران عوام ۾ اچي، مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنسز ۾ چيو وڃي ٿو ته ??واز شريف ۽ شهباز شريف جي خلاف ڪرپشن، مني ل??نڊ??نگ جا ڪيس واپس ورتا وڃن، جنهن جنهن ڪرپشن، مني ل??نڊ??نگ ڪئي يا قومي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو ان کي حساب ڏيڻو پوندو، صنعتن کي ملندڙ وڌيڪ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن سميت ٻين کي اضافي بجلي تي 25 سيڪڙو رعايت ملندي، صنعتن جي لاءِ پيڪ آورز ۽ آف پيڪ آورز کي گڏ ڪيو ويو آهي، صنعتن کي سستي بجلي جي فراهمي سان ملڪي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
ملڪ ۽ دفاع خلاف بيانيو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب