ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۽ سياست جي ميدان ۾ شروعات ۾ کيس وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر هن حوصلو نه هاريو ۽ جدوجهد جاري رکي، جيڪو چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي صلاحيت ??ٿو رکي اهو چيمپئين ??ٿو بڻجي سگهي، راند اسان کي اهو ئي سبق ڏئي ٿي ته اسان کي همت ناهي هارڻي ۽ جدوجهد جاري رکڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪن راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نامل راجا پاڪسي طرفان پنهنجي اعزاز ۾ م??عقد تقريب کي خاص مه??ان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو ج??هن ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ سريلنڪا جي اسپورٽس ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته راندين جون سرگرميون اسان کي اهو سيکارينديون آهن جيڪو اسڪولن ۾ نصابي تعليم جي ذريعي ??ٿو سکي سگهجي. اهي اسان کي مختلف چئلينجن ??ان سرخرو ٿيڻ، مقابلو ڪرڻ ۽ جدوجهد جو سبق ڏينديون آهن. هن چيو ته اهو ضروري ناهي ته سڀ کان قابل رانديگر ئي چئمپين بڻجي پر اصل رانديگر اهو هوندو آهي جيڪو ناڪامين ۽ هار ??ان سکي اڳتي وڌي ٿو ۽ حوصلو ??ٿو هاري، ج??هن کي شڪست کي م??هن ڏيڻ ??ٿو اچي اهو چئمپين ??ٿو بڻجي سگهي، ح??صلو هاريندڙ ڪڏهن به پنهنجي خوابن جي تعبير ??ٿو ماڻي سگهي، زندگي ۾ جڏهن به شڪست درپيش هجي ته اسان لاءِ ان ??ان سکڻ جي لاءِ سبق هوندو آهي. هن چيو ته زندگي ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آهي، ڪاميابي اها ناهي هوندي ته توهان سٺو وقت ڪيئن گذاريو ٿا پر ڪاميابي اها هوندي آهي ته توهان بري وقت کي ڪيئن م??هن ڏيو ٿا، ناڪامي سان ڪجهه ماڻهو حوصلو هاري ويندا آهن پر جيڪي ناڪامي ??ان سبق سکندا آهن ۽ جدوجهد ڪندا آهن اهي ئي اڳتي وڌندا آهن. رانديون اسان کي اهو ئي سبق ڏينديون آهن ته اسان کي همت ناهي هارڻي. هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ گهڻو سٺو رانديگر نه هئس، جڏهن پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ م??ن کي ڊراپ ڪيو ويو هو ۽ ٽن سالن تائين آئون ٽيم کان ٻاهر رهيس پر مون حوصلو نه هاريو ۽ ڪوشش جاري رکي، ڪيترائي ڪرڪيٽرز آهن ج??هن کي هڪ ڀيرو جيڪڏهن ٽيم ??ان ڊراپ ڪيو ويو ته پوءِ هو ٻيهر ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا پر جيڪڏهن توهان ۾ ٽيلينٽ هجي ته پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي واپس اچي سگهو ٿا.
ڪرڪيٽ ۽ سياست ۾ شروعات ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر حوصلو نه هاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ