اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان عراق جي دفاع واري وزير جمعه اناد سعدون جي قيادت ۾ دفاعي وفد ملاقات ڪ??ي آهي. ملاقات ۾ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان عراق س??ن پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان، واپار، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت ڪ??ي ٿو. ايوان صدر مان جاري بيان موج?? صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي دفاعي تربيتي ادارن ۾ عراقي فوجي اهلڪارن جي لاءِ تربيتي ڪورسز جي آڇ ڪئي، ان موقعي تي پاڪست??ن پاران ٽيڪنيڪي امداد ۽ انساني وسيلن جي مدد سان عراق ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ مدد جي به آڇ ڪئي وئي.
صدر سان عراق جي دفاع واري وزير جي قيادت ۾ دفاعي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ