اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي، نوجوان ??سل جو مستقبل ڊجيٽل سان ڳنڍيل آهي، اڳوڻن دورن ۾ رياستي ميڊيا کي پارٽي بياني لاءِ استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ڊجيٽل ميڊيا کان ??ڌيڪ مضبوط هو، رياستي ميڊيا ادارا رياست جي بياني کي پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا، وزيراعظم عمران خان ??يڊيا جي اهميت کي ??هت?? طريقي سان سمجهي ٿو، وزيراعظم 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊجيٽل سان ??اڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام نوجوانن کي ٽرانسفارمر ڪرڻ جو باعث بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هو 2016ع کان ??اڪستان تحريڪ انصاف ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي ڏسي رهيو هو، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ڊجيٽل ميڊيا کان ??ڌيڪ مضبوط هو، گذريل حڪومتن اطلاعات واري وزارت کي پارٽي جو ترجمان بڻائي رکيو هو جنهن ۾ رياستي بياني بدران ??ارٽي جي بياني کي سگهه ڏني وئي. پي ٽي وي، اي پي پي ۽ پي آءِ ڊي تباهي طرف گامزن هئا، هيومن ريسورس جي صورتحال ابتڙ هئي. صرف پي آءِ ڊي ڪراچي ۾ 62 ماڻهن جي اسٽاف مان ??ڪ ايم اي، ٽي بي اي ۽ باقي سمورو اسٽاف ميٽرڪ تعليم رکندڙ هو، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اربين روپين جي بجيٽ آهي پر هو رياست جي بياني کي پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جهڙي طريقي سان ??ظام قائم ڪيو هو، اسان ان تي وڃڻ چاهيو ٿي، وزيراعظم عمران خان 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊجيٽل سان ??اڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، 2020ع ۾ ڊجيٽل ميڊيا ونگ بڻايو، پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو، اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻايو، اڄ ريڊيو پاڪستان جي ايپليڪيشن ??هت??ين ايپس ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان ??هرين اسان جي حڪمرانن کي پبلڪ ڊپلوميسي جي اهميت جو خيال نه هو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ??يڊيا جي اهميت کي ??هت?? طريقي سان سمجهندو آهي. صرف هلندڙ هفتي وزيراعظم جي مصروفيتن کي ڏٺو وڃي ته سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ وزيراعظم جو انٽرويو ويو آهي. جيترو وقت وزيراعظم ميڊيا ۾ ڏئي رهيو آهي ايترو شايد ئي ان کان ??هرين ڪنهن حڪمران ڏنو هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان ??قت 42 جرنلزم اسڪولز ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جا ڪورسز اپ ڊي?? نه هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ جيڪي آفيسر سي ايس ايس ڪري ايندا آهن انهن کي ڊجيٽل ميڊيا جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ناهي هوندي، اسان انفارميشن اڪيڊمي جا سمورا ڪورسز تبديل ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان ??نهنجي آفيسرن کي ڊجيٽل ميڊيا جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪري سگهون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته کيس ناڻي واري وزير کي خط لکيو ته ملڪ ۾ ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي بجيٽ تقريبن 4 ارب روپيا آهي، اها ايندڙ پنج سالن ۾ 12 ارب روپين تائين پهچي ويندي پر ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ صرف ٽن سالن ۾ وڌي 25 ارب تائين پهچي وئي آهي ۽ اميد آهي ته اها ايندڙ سالن ۾ 35 ارب روپين تائين وڌي ويندي. ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ گهرجي.
دنيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے