ڪراچي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قدم آهي، قرآن مجيد ۽ اسوه حسنه تي عمل ڪري اسان دنيا جي طاقتور ترين قوم بڻجي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجي قوم جي تربيت ڪرڻ گهرجي، ان ڏس ۾ سڀ کان اڳ عالم سڳورا عبادتن سان گڏوگڏ اخلاقيات جي تربيت ڏين، حڪومت سٺي ۽ معياري تعليم جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا هڪ اهم ٿنڀ آهي ۽ قوم جي تربيت ۾ ان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستا?? جي ميڊيا هڪ ذميوار ميڊيا آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ عالم سڳورن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست بڻائڻ جو تصور رکي ٿو ۽ هو عالم سڳور?? جي مدد جو منتظر آهي ته جيئن ملڪ کي فلاحي رياست بڻائي سگهجي ان سلسلي ۾ رياست پاڪستان جو حڪمران توهان طرف هٿ وڌائي رهيو آهي، عالم سڳورا عمران خان جو ساٿ ڏين. هن وڌيڪ چيو ته اسان رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون، اها اٿارٽي وزيراعظم کي مشورو ڏيندي ۽ سموري اسلامي دنيا جا عالم سڳورا ان ۾ شامل هوندا پر پاڪستان جا عالم سڳورا ان کي ليڊ ڪندا ڇو ته عالم سڳور?? جي مدد کانسواءِ اهو ممڪن نه آهي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته مديني جي رياست ٺاهيون. سنڌ جي گورنر چيو ته منهنجي الله وزيراعظم جي دل ۾ نبي ﷺ جي محبت رکي آهي جڏهن نبي ﷺ جو ذڪر اچي ٿو اسان جا ڪنڌ تعظيم ۾ جهڪي وڃن ٿا، وزيراعظم هر جڳهه تي اسا?? جي نبي ﷺ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا ڳالهه دل سان چئي ??ڃي اها اثر ڪري ٿي، نبي ﷺ جي تعليم اختيار ڪرڻ سان ئي اسان سرخرو ٿينداسين. هن چيو ته ٻارن کي اسان کي ٻڌائڻو پوندو ته پنهنجو رول ماڊل نبي ﷺ کي بڻائين. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هر سال اسان عقيدت ۽ محبت، جوش ۽ جذبي سان عيد ميلادالنبي ﷺ ملهائيندا آهيون ڇو ته اسان پاڻ ﷺ جا امتي آهيون ۽ انه?? جي غلامي ڪريون ٿا ۽ انه?? جي آيل د???? جي عزمتن کي دل ۽ جان سان مڃون ٿا. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست بڻائڻ چاهي ٿو ۽ اها اٿارٽي ان ويز?? جي عڪاس ثابت ٿيندي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي لازمي آهي ته جيئن پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائي سگهجي.
وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قدم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد