اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏي??ي وزير امير خان متقي جُون پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏي??ي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، افغانستان ۾ پاڪستان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏي??ي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏي??ي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان گذريل چار ڏهاڪن کان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪستان محدود وسيلن جي باوجود افغان ڀائرن جي انساني معاو??ت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏي??ي وزير ان نازڪ موڙ تي افعانستان جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏي??ي وزير افغان وفد کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي افغانستان سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ افغانستان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏي??ي وزير افغان وفد کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ر??بط??، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏي??ي وزير امير خان متقي افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.
افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس