اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏي??ي وز??رت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏي??ي وز??رت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏي??ي وزير سان گڏ ??ئا. پرڏي??ي وز??رت جي سينيئر عملدارن پرڏي??ي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏي??ي وزير مرڪزي ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏي??ي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ، او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته اڄ صبح ??صر جو پرڏي??ي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ساڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏي??ي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن اجلاس ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف اسان جي ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايت تي او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهمان پرڏي??ي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ