واشنگٽن – 03 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي لاءِ افهام تفهيم، رواداري ۽ همدر??ي جي پل بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي سڀني جي بهتر مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ڊي سي ۾ اعليٰ سطحي عا??مي مانجهاندي کي اهم مقرر طور خطاب ڪيو، بلاول ڀٽو زردا??ي گلوبل ڪميونٽي طور انفراد?? ۽ ??جتماعي زندگي ۾ ايمان ۽ دعا جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ خالق تي ايمان جيڪو اسان تي نظر رکي ٿو، اسان جي رهنمائي ڪري ٿو ۽ اسان کي طاقت ڏي ٿو سمورن عقيدن جي ٻنڌڻ جي خصوصيت آهي. اتحاد جو اهو احساس اسان کي انهن ماڻهن ۾ انسانيت کي ڏسڻ جي قابل بڻائي ٿو جيڪي اسان کان مختلف آهن ۽ انهن سان انهي مهربان?? ۽ ??حترام سان پيش اچون ٿا جيڪو اسان پنهنجي چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته اسلام ۾ اسان جي ساٿي انسانن جي حقن، حقوق العباد اسان جي ايمان جي اهم ترين ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته اسلام پنهنجي پيروڪارن کي سمورن ماڻهن سان بنا فرق جي بهتر سلوڪ ۽ احترام سان پيش ڪرڻ جي تعليم ڏي ٿو ۽ هڪ اهڙو معاشرو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جتي اختلاف ۽ جهيڙي جي جاءِ تي اتحاد ۽ هم آهنگي هجي. پرڏيهي وزير دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن جو حوالو ڏنو ۽ عا??مي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل همدر??ي جي اهميت تي پنهنجي يقين جي تصديق ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان جي تقدير هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آه?? ۽ ??سان کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن امن ۽ ڀائيچاري جي لاءِ افهام تفهيم، رواداري ۽ همدرديءَ جي پل ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بابت پڻ ڳالهه ڪئ?? ۽ ??رورت جي هن گهڙيءَ ۾ اڳتي اچڻ ۽ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي عا??مي برادري جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير کي عا??مي مانجهاندي ۾ اهم مقرر جي حيثيت سان دعوت هن خطاب ۾ پاڪستان جي اهم آواز جي سڃاڻپ آهي.
دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي لاءِ افهام تفهيم، رواداري ۽ همدردي جي پل بنائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي سڀني جي بهتر مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa