اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صنعتڪارن، سرنديءَ وارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ترڪ??ه ۽ شام جي زلزلي ??تاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪ??ه ۽ شام ۾ زلزلي ??تاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ زلزلي ??تاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ترڪ??ه ۽ شام جي زلزلي ??تاثرين جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم پاڪستان جي سرنديءَ وارن ماڻهن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي وزيراعظم ترڪ??ه ۽ شام بابت زلزلي ??تاثرين فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام زلزلي ??تاثرين جي لاءِ امدادي شيون اين ڊي ايم اي کي ڪليڪشن سينٽر تي جمع ڪرائي سگهي ٿي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان ترڪيه جهڙي پنهنجي پراڻي دوست سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ترڪ??ه ۽ شام جي زلزلي ??تاثرين جي امدادي ڪاررواين کي منظم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ويندي. منصوباب??دي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪميٽي جا ميمبر هوندا. تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ پاڪستان جا ترڪ??ه ۽ شام ۾ سفير ۽ خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي به ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس، امدادي سامان جي ترڪ??ه ۽ شام ترجيحي بنيادن تي پهچ کي يقيني بڻائي. پاڪستان مان ترڪ??ه ۽ شام جي زلزلي ??تاثرين جي لاءِ زميني، فضائي ۽ سامونڊي رستن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويندو. اين ڊي ايم اي هنگامي بنيادن تي پاڪستان جي هر ضلعي ۾ ترڪ??ه ۽ شام جي زلزلي ??تاثرين جي لاءِ امداد گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڪليڪشن سينٽر ٺاهي. اين ڊي ايم اي سمورين صوبائي حڪومتن کان امدادي سرگرمين ۾ ت??زي آڻڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائي. يقيني بڻايو وڃي ته ترڪ??ه ۽ شام جي زلزلي ??تاثرين جي لاءِ موڪليل سامان معياري هجي، ڪمبل، گرم ڪپڙا، ٻارن جي خوراڪ ۽ خيمن جو فوري بندوبست ڪيو وڃي. ترڪيه 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي هر قسم جي مدد ڪئي. محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي امداد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو. پاڪستان امدادي سامان موڪلڻ جي لاءِ ايئر ڪوريڊور قائم ڪري ڇڏيو آهي. جلد پاڪستان مان امدادي سامان جي ٽرڪن جو قافلو به ترڪ??ه ۽ شام روانو ٿيندو. پاڪستان پاران 30 بسترن تي ٻڌل موبائيل اسپتال لاءِ ٽيم ۽ سامان به ترڪيه پهچي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ٻي موبائيل اسپتال به عملي ۽ سامان سميت رواني ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي زلزلي ??تاثرين جو آواز پاڪستان تائين پهچائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سندس ٽيم ۽ پاڪستاني ميڊيا جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پاڪستان ايئر فورس، پي آءِ اي ۽ اين ڊي ايم اي جي ان آپريشن ۾ ڀرپور شموليت به ساراهه جوڳي آهي. پاڪستان جون ريسڪيو ٽيمون ۽ پاڪ فوج جون ٽيمون به ترڪيه ۾ بهترين طريقي سان امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. سڄي پاڪستاني قوم کي اپيل آهي ته ترڪ??ه ۽ شام ۾ جيتري قدر ٿي سگهي پنهنجي مسلمان ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪن. اجلاس کي ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير زلزلي سان تباهي جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان جي امدادي ڪوششن ۾ بهتر ڪردار کي ساراهي??دي کيس هدايت ڪئي ته هو ترڪ حڪومت ۽ پاڪستاني ادارن جي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پاران نه رڳو امدادي سامان ۽ ريسڪيو ٽيمون هن وقت ترڪ??ه ۽ شام پهچي چڪيون آهن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هٿ ونڊرائي رهيون آهن. جڏهن ته پي آءِ اي مسلسل اڏامن ذريعي لاهور ۽ اسلام آباد کان ترڪ??ه ۽ شام سامان جي پهچ يقيني بڻائي رهيو آهي. ٻئي طرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽرڪن جو قافلو ايران ذريعي امدادي سامان کڻي ترڪ??ه ۽ شام روانو ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته زلزلي ??تاثرين جي امداد لاءِ ملڪ گير آگاهي مهم جاري آهي. وزيراعظم جي زلزلي ??تاثرين جي لاءِ قائم ڪيل فنڊ جي اڪائونٽ نمبر G-12166 ۾ امدادي رقم جمع ڪرائي سگهجي. جڏهن ته ٻئي امدادي سامان جو عطيو اين ڊيم اي اي جي ڪنهن به ڪليڪشن سينٽر ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي سڄي ملڪ ۾ 13 ڪليڪشن سينٽر ٺاهي چڪو آهي. جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي ان ڪليڪشن سينٽر کي هر ضلعي ۾ ت??سيع ڏني پئي وڃي. گهربل امدادي سامان ۾ سرديءَ جي موسم جي لحاظ کان تينٽ، گرم ڪپڙا، ڪمبل، جوراب، ٻارن جي تيار خوراڪ وغيره شامل آهي. اجلاس کي پاڪستان پاران موڪليل ريسڪيو ٽيمن، امدادي سامان ۽ 30 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي موجوده ڪارڪردگي کان به آگاهه ڪيو آهي. زخمين جي علاج جي لاءِ پاڪستان پاران وڌيڪ هڪ هڪ موبائيل اسپتال ترڪ??ه ۽ شام رواني ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ترڪيه م پاڪستان جي سفير کانسواءِ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران صنعتڪارن، سرنديءَ وارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون