اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليزلي اسڪينلون ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن ??اڳ??پن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪئناڊا سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي ??اڳ??پن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ هن پاڪستان مان افرادي قوت ڪئناڊا کي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ اميد جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ