گڏيل قومون- 09 مارچ (اي پي پي) چين آمريڪا ۽ ٻين ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو افغان عورتن ۽ ڇوڪري?? جي حقن ۽ مفاد?? جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن. چيني خابرو اداري موجب آگسٽ 2021ع ۾ آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ آمريڪا افغان مرڪزي بئنڪ جا 9.5 بلين ڊالر جا اثاثا منجمند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ان آمريڪي قدم کي ڪجهه ملڪن ڌاڙو هڻڻ جي برابر قرار ڏنو، گڏيل قومن ۾ چي?? جي نائب مستقل نمائندي گينگ شوانگ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته افغان عوام جا سمنڊ پار اثاثا افغان عوام لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته افغان اثاثن کي منجمند ڪرڻ بنا جو??ز ۽ غير قانوني آهي، افغان عورتون ڪمزور برادري آهي جيڪا ڪيترائي سال جنگ ۽ بحران سبب وڌيڪ متاثر ٿي آهي، چيني نمائندي چيو ته عالمي رڪاوٽون ۽ پابنديون هٽائڻ کانسواءِ افغان عورتن ۽ ڇوڪري?? جي حقن ۽ مفادن کي تحفظ حاصل نٿو ڪري سگهجي. هن زور ڀريو ته هڪطرفيون پابنديون مقامي عورتن ۽ ٻار?? جي بقاءُ ۽ ??رق?? لاءِ شديد مشڪلاتن جو سبب بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن کي بنا دير جي ختم ڪرڻ گهرجي.
آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ افغان عورتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ افغانستان جا سمنڊ پار اثاثا فوري طور تي واپس ڪن: چين
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش