سان فرانسسڪو-26 آڪٽوبر(اي پي پي) واٽس ايپ، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽريڪس جي مالڪ آم??يڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا چيو آهي ته تازو ٽه ماهي دوران سندس خالص منافعو 11.6 ارب ڊا??ر رهيو جيڪو سالياني بنيادن تي (گ??ري?? سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾) ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي. ان جو سبب ڪمپني جي آم??ني ۾ اضافو آهي. فرانسيسي خابرو اداري ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر مارڪ زڪربرگ طرفان گ??ري?? ڏينهن جاري ٿيل رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ٽن مهينن دوران ميٽا جي آم??ني 34 ارب ڊا??ر رهي جيڪا سالياني بنيادن تي 23 سيڪڙو وڌيڪ ۽ ان جو سبب فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي آم??ني جو وڌڻ آهي. هن چيو ته فيس بڪ جي ماهوار صارفين جو تعداد 2022ع جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ معمولي اضافي سان 3.05 ارب رهيو، ميٽا جي فيملي ايپس جي ماهوار صارفين جو ڳاڻيٽو 3.96 رهيو جيڪو 2022ع جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ تي ڪمپني جي شيئرز جي قيمت 2 سيڪڙو وڌي 306.69 ڊا??ر في شيئر تي پهچي وئي.
آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي خالص منافعي ۾ ٽن مهينن دوران سالياني بنيادن تي ٻيڻ تي اضافو، ڳاڻيٽو 11.6 ڊالر رهيو
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa