واشنگٽن -17 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي قومي سلامتي واري مشير جيڪ سليوان اعلان ڪيو ته آمريڪا ايران خلاف وڌيڪ پابند??ون لڳائيندو. ميڊيا مطابق بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا ايران تي ن??ون پابند??ون لڳائيندو، جنهن ۾ سندس ميزائيل ۽ ڊرون پروگرام سان گڏوگڏ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (آءِ آر سي جي) ۽ ايران جي دفاع واري وزارت جي حمايت ڪندڙ ادارن خلاف ن??ون پابند??ون پڻ شامل آهن. بيان مطابق آمريڪي صدر جوبائيڊن، آمريڪا جي اتحادين ۽ شراڪتدارن ۽ آمريڪي ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جي اڳواڻن سان ملي اسرائيل تي ايراني حملي جو جامع رد عمل ت??ار ڪري رهيو آهي. جيڪ سليوان چيو ته آمريڪا اميد ڪري ٿو ته اتحادي ڀائيوار جلد ئي ايران خلاف واڌو پابندين تي به عملدرآمد ڪندا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج