رياض-27 آگسٽ (اي پي پي )سعودي عرب ۾ آمريڪي سفير مائيڪل رتني چيو آهي ته مملڪت سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آ??يون. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن هڪ ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته سعودي عرب ۽ آمريڪا ڪيترن ئي معاهدن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آ??ن جن ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ۽ فوجي معاهدن کي مضبوط ڪرڻ سان گ??وگڏ سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ ناتن کي معمول تي آڻڻ ۽ اقتصادي ناتن کي هٿي ڏيڻ شامل آهي، جيڪي آزاد فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابل اعتماد راهه طرف وٺي ويندا. آمريڪي سفير چيو ته اسان ان معاهدي جي ڪيترن ئي اهم نقطن جي انتهائي ويجهو اچي چڪا آ??يون ۽ اهو ضروري آهي ته اسان ان کي گڏجي حتمي شڪل ڏيو??، اهو آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ تاريخ ساز معاهدو هوندو. جيتوڻيڪ مائيڪل رتني معاهدن جي پيڪيج کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪنهن مخصوص ٽائيم فريم جو ذڪر ناهي ڪيو، پر هن ان جي جلد پڄ??ڻي جي خواهش جو اظهار ڪيو . آمريڪي سفير چيو ته اسان هڪ پيچيده خطي ۾ آهيون ۽ معاهدي ۾ به ڪيتريون ئي پيچيدگيون آهن پر اسان جلد ان کي مڪمل ڪنداسين.
سعودي عرب سان تاريخ ساز معاهدي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں