ٽوڪيو-04 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي گذريل ھفتي فائر ڪيل ھڪ نئين بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل بع?? جاپان، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏيل فضائي مشقون شروع ڪيون آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف گذريل ڏينھن اعلان ڪيو آهي ته مشقون ملڪ جي ڏکڻ واري ٻيٽ چيجو جي اوڀر ۾ ھوائي حدن ۾ ٿيون جنھن دوران مقرر ڪيل هدفن کي درست انداز ۾ حملا ڪرڻ جي صلاحيت جي تصديق ڪئي وئي. مشقن ۾ آمريڪا جو ايف-16 جنگي جھاز ۽ ھڪ بي-1 بم??ار جھاز شامل ھو. اتر ڪوريا انهن بم??ار جھازن جي صلاحيتن بابت محتاط آھي. ڏکڻ ڪوريا جي فوج جو چوڻ آھي ته ٽئي ملڪ اتر ڪوريا جي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ گڏيل طور جواب ڏيڻ جي سھڪ??ر کي مضبوط بڻائيند??. 5 ??ومبر تي منعقد ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن جي موقعي تي پيانگ يانگ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪري سگھي ٿو ۽ ايٽمي تجربو پڻ ڪري سگھجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔