بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) ??ين پنهنجي ملڪ ۾ سياحت ۽ عالمي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 09 ملڪ شامل ڪيا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا، ناروي، فن لينڊ، سلواڪيا، ڊينمارڪ، آئيس لينڊ اندورا، موناڪو ۽ ليڪٽنسٽائن جا شهري ??ين ۾ بنان ويزا جي داخل ٿي سگهندا. ??ين جي پرڏيهي وزارت موجب 8 نومبر کان انهن ملڪن جا شهري ڪاروباري، سياحت، خاندان جي ماڻهن سان ملاقات يا ٽرانزٽ لاءِ ??ين ۾ ويزا بنا داخل ٿي سگهندا. اها پاليسي ايندڙ سال جي آخر تائين لاڳو رهندي جنهن کان پوءِ ??ين ۾ ويزا فري لسٽ ۾ ڪل ملڪن جو انگ 25 ٿي ويندو. ??ين ڪورونا بعد گذريل سال کان غير م??ڪي شهرين تي لاڳو سفري پابندي ۾ نرمي ڪري رهيو آهي ته جيئن ملڪ جي معيشت ۾ بهتر رجحان اچي ۽ آمريڪا، يورپ ۽ ايشيائي ملڪن سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪري سگهجي. ??ن کان اڳ فرانس ۽ جرمني سميت 16 ملڪن جي شهرين کي ڪاروبار، سياحت، فيملي وزٽ ۽ ٽرانزٽ لاءِ 15 ڏينهن تائين بنان ويزا جي ??ين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هئي. ٻئي پاسي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيا سميت وڌيڪ 54 ملڪن جي شهرين کي ??ين جي 37 داخلي بندرگاهن ۾ ڪنهن هڪ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ بنان ويزا جي 72 يا 144 ڪلاڪن تائين ترسڻ جي اجازت آهي، ان شرط تي ته سندس وٽ ڪنهن ٻئي ملڪ جو آن ورڊ ٽڪيٽ موجود هجي. نيشنل اميگريشن ايڊمنسٽريشن موجب سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين ??ين جو دورو ڪيو جيڪو هر سال 152 سيڪڙو جو اضافو آهي. هن سال جنوري ۾ جون تائين 85 لک کان به وڌيڪ ويزا فري سياحن جي ملڪ ۾ داخلا ريڪارڊ ٿي جيڪا اندروني ملڪ ??ين جي سفر جو 58 سيڪڙو بڻجي ٿي . جولائي کان سيپٽمبر جي عرصي دوران 81 لک کان به وڌيڪ پرڏيهين ??ين جو دورو ڪيو. انهن مان 49 لک ويزا فري انٽريون هيون.
چين جي ويزا فري ملڪن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 9 ملڪ شامل
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم