اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??من??ن حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوريت سان واڳيل آهي ۽ ان ئي رستي تي هلي اسان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي يقيني بڻائي سگهون ٿا. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ 70 هين جشن آزادي جي موقعي تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان کان اڳ هن وز??راعظم محمد نواز شريف سان گڏ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي وز??راعظم محمد نواز شريف کانسواءِ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وز??ر، سروسز چيفس، مختلف ملڪن جا سفير، خاتون اول بيگم محموده ??من??ن ۽ معاشري جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تحريڪ پاڪستان جهڙي جدوجهد جي ضرورت آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جمهوريت کي هڪ ??سل??ان جي زندگي جو لازمي حصو تصور ڪندو هو ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ کي فرض سمجهندو هو.
پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوريت سان واڳيل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار