اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زردا??ي جي ڪئمپ آفيس، سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ پرڏيهي ن??ي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ مهيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ صدر ۽ وزيراعظم جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ترميم سان هاڻي صدر ۽ وزيراعظم جي رڳو هڪ رهائشگاهه کي سرڪاري رهائشگا??ه جو درجو ڏنو ويندو ۽ جڳ??ه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائم ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ن??ڻي ۽ عوام جي پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿام ڪري سگهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر بشمول صدر ۽ وزيراعظم جي لاءِ ڊيوٽي فري گاڏي جي سهولت نه هوندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقر??ي جي معاملي ??ي تفصيلي غور ويچار ڪيو.
ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری