نوشهره – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوڊ سيڪيورٽي، وڌندڙ آبادي، روزگار جي فراهمي، موسيماتي تبديلي، آلودگي ۽ پرڏيهي ناڻي جي گهٽتائي کي ملڪ جي لاءِ وڏا چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪر رهيو آهي، زيتون جي پوکي مان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ روزگار جا موقعا ملندا، پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، سڄي ملڪ ۾ مي??يد??ر وڻن جي پوکي لاءِ علائقا مختص ڪيا ويندا، وڌندڙ آبادي لاءِ فوڊ سيڪيورٽي حڪو??ت جي ذميداري آهي، نوجوانن ۽ شاگردن کي بلين ٽري سونامي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جيڪڏه?? اسان زيتون جي پوکي تي ڌيان ڏيون ته اسپين جي مقابلي جي مقابلي ۾ وڌيڪ کاڄرو تيل برآمد ڪري سگ??نداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زيتون جي وڻڪاري مهم جي آغاز تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
فوڊ سيڪيورٽي، وڌندڙ آبادي، روزگار جي فراهمي ملڪ لاءِ وڏا چئلينج آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں