اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌ??رن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر عوام کي اپيل ڪئ?? آهي ته اها ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ جي لاءِ سمورن قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪري ڇو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي موجوده ٽئين لهر گذريل لهر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حياتي کسيندڙ آهي. هن چيو ته ڪورونا ک??ن متاثر ماڻهن ۾ بيمار?? جون علامتون ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳن ٿا. ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي موثر هجڻ بابت افواهن کي رد ڪندي اسد عمر چيو ته ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائڻ گهرجي ڇو ته برطانوي طرز جي وائرس جي لهر اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آساني ۽ تيزي سان پکڙجي ره?? آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر