اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار ۾ آسانين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جو قيام يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارن تي اڳڀرائي اطمينان ??خش آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس ونگ مان ??اري بيان موجب وزيراعظم عمران ??ان ڪاروباري عمل ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ خصوصي طور تي ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس جي دوران وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي مختلف کاتن پاران ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي کي ساراهيو. انهن قدمن ۾ ڪمپنين جي آسان ۽ تيز رجسٽريشن ۽ آن لائن منظوري شامل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ان ??لسلي ۾ منظور ٿيل باقي قدمن تي تيزي سان ??ملدرآمد يقيني بڻائين. وزيراعظم ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوششن تي اطمينان ??و اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته واپاري برادري جي وڌ کان وڌ سهولت کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته ڪوالٽي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي معيار ج?? درجه بندي جي حڪمت عملي متعارف ڪر??ئڻ کانسواءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي مشوري سان گهٽ شرح تي فڪسڊ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي اعليٰ بوڊ ڪيمپن سان گڏ??گڏ هواوي ۽ سام سنگ جهڙين وڏين ٽيڪ ڪمپنين کي متوجهه ڪرڻ جي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي ڪوششن کي به ساراهيو. اهو نه رڳو هنرمند پاڪستاني آءِ ٽي پيشيور ماڻهن کي تربيت پر باوقار روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته سمور?? گهربل ايڪو سسٽم سان ??سپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي وڌندڙ تعداد سان ملڪ ۾ ٽيڪ بزنس کي فروغ ملڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، وزيراعظم هدايتون جاري ڪيون ته ٻين وڏن شهرن سان گڏ??گڏ بلوچستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ايس ٽي زيز جي قيام جي طرف هڪجهڙو ڌيان ڏنو وڃي.
ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارن تي اڳڀرائي اطمينان بخش آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گرم گرم