اسلام آباد/ دوشنبي-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي ??ان برابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي ??لرحمان سان ملاقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاه محمود قريشي تاجڪستان جي صدر کي وزيراعظم عمران خان طرفا?? نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ اونها تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن جيڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير تاجڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي ??ان پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. شاه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. شاه محمود قريشي گڏيل مقصدن کي ماڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ??ختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تاجڪستان جي صدر امام علي ??لرحمان چيو ته هو سيپٽمبر 2021ع تي دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي شرڪت جو منتظر آهي.
افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ برابر اهميت وارو آهي: شاه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام