اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي ??وا??ي سان خط لکي چيو آهي ته هو عورتن جي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪوششن جو ساٿ ڏين ته جيئن مڪمل معلومات جلد سڃاڻپ وقت سر علاج جي ذريعي قيمتي انساني جانين کي موذي مرض جو شڪار ٿيڻ کان بچائي سگهجي. صدر چيو ته پاڪس??ان ۾ عورتن ۾ ڪينسر جا 44 سيڪڙو ڪيس ڇاتي جي ڪينسر جا آهن، جلد سڃاڻپ ٿيڻ سان مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو ام??ان 98 سيڪڙو آهي، هن چيو ته معاشري ۾ منع ٿيل موضوع هجڻ جي ڪري عورتون مرض جي جلد سڃاڻپ نا??ن ڪرائي سگهنديون آهن، جلد سڃاڻپ نه هجڻ سبب ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا 50 سيڪڙو عورتون زندگي ??ان هٿ ڌوئي وهينديون آهن، صدر عورتن کي هر ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. آگاهي نه هئڻ ۽ پوءِ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ۾ دير جهڙا معاملا ڇاتي جي ڪينسر کان وڌيڪ موت جو شرح جو سبب بڻجندا آهن. دير سان مرض جي سڃاڻپ ٿيڻ جي ڪري هڪ لک مان 50 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، صدر چيو ته بيگم ثيمنه علوي ?? سندس ٽيم ڇاتي جي ڪينسر بابت آڪٽوبر ۾ ماڻهن کي آگاهي لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن انهن پروگرام ۾ پاڻ مرض جي سڃاڻپ ۽ مرض جي وقت سر سڃاڻپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته م??ڊيا گذريل سال ماڻهن کي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ موثر آگاهي مهم هلائي، ميڊيا خبرن، ٽاڪ شوز، ڪالمز ۽ ايڊيٽوريل جي ذريعي ان ??وا??ي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر چيو ته م??ڊيا ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. ميڊيا تنظيمون ڇاتي جي ڪينسر جي ??وا??ي سان آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوگو کي (گلابي) رنگ ڏئي، هن چيو ته اجتماعي ڪوششون عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت مڪمل آگاهي، مرض جي جلد سڃاڻپ ۽ ان جي باري ۾ باقاعدگي علاج جي ??وا??ي سان مددگار ثابت ٿيندي.
صدر پاران ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان خط
مضمون کا ماخذ : números dupla sena