اسلام آباد -04 اپريل (اي پي پي) ايشيائي تر??ياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي، ته پاڪستان جي معيشت کي لڳاتار ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته مضبوط ملڪي معيشت ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي معيشت ۾ ٻيهر اڀرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اها ڳالهه بئنڪ طرفان جاري ڪيل ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ اپريل 2023ع جي فليگ شپ اقتصادي رپورٽ ۾ چئي ويئي آهي. پاڪستان ۾ ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو آهي ته پاڪستاني معيشت کي لڳاتار ڏکيائيون درپيش آهن ۽ گذريل ??ال جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ معاش?? مالياتي چئلينجن کي وڌيڪ وڌايو آهي. هن چيو ته انهن ڏکيائين باوجود مضبوط ميڪرو ??ڪن??مڪ ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي معيشت اڀري سگهي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ??ال جي تباه ڪن ٻوڏ سبب وڌندڙ مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ ناڻي جي ذخيرن جي بحران جي تناظر ۾ مالي ??ال 2023ع ۾ ملڪي اقتصادي تر??ي جي رفتار سست رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جار?? مالي ??ال ۾ ملڪ جي اقتصادي اوسر جي شرح 0.6 سيڪڙو ۽ اي??دڙ ??ال ۾ 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مالي ??ال 2023ع ۾ مالي خسارو جي ڊي پي جي 6.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. عالم?? مالياتي فنڊ جو پروگرام جاري رهڻ سان خساري م گهٽتائي اي??دي.
ملڪ جي مضبوط معيشت ۽ ڍانچي وار سڌارن سان پاڪستان جي معيشت ٻيهر اڀري سگهي ٿي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔