گڏيل قومون-02 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن چي?? آهي ته اسرائيلي فوج پار??ن لبنان جي علائقن کي خالي ڪرڻ وارن حڪمن کان پوءِ لبنان مان 2 لک ماڻهو لڏڻ پلاڻ ڪري بي گهر ٿي چڪا آهن جن مان هڪ لک کان وڌيڪ شام هجرت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل انتوني??گو??ريش جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ هڪ بيان ۾ چي?? آهي ته گڏيل قومن جي انس??ني معاملن واري اداري لبنان ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي انگ ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪي?? آهي. هن چيو ته لبنان ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي فوري طور تي مدد لاءِ پنهنجي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. يونيسيف موجب 2 هزار کان وڌيڪ اجتماعي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ 50 هزار بي گهر ماڻهن کي ضروري سامان مهيا ڪيو وي?? آهي. ترجمان چيو ته سيڪريٽر?? جنرل انتوني??گو??ريش عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اها انس??ني بنياد تي 426 ملين آمريڪي ڊالرن جي هنگامي امداد فراهم ڪر?? جنهن کي ايندڙ ٽن مهينن تائين 10 لک ماڻهن جي امداد لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
لبنان مان 2 لک ماڻهو هجرت ڪري چڪا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج