م??نس??ره – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون، عوام پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ٻاهر اڇلائيندو، سازشون ڪندڙن کي ??وام منهن ڏيندو، اسان نعرا هڻڻ تي نه ڪم تي يقين رکون ٿا. ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي ??طاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اڄ ڍڍيال ۾ اچي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آ??ي، ان جو هتان جي عوام اندازو نه ٿي ڪري سگ??ي، عوام جو جوش ۽ جذبو ۽ پراميد چهرو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ آئون ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي نڪتو آهيان، جلسن، جلوسن جي مهم تي نه، اڄ هتي الله جي فضل ۽ ڪرم سان هڪ تاريخي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته مون سدائين چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان پوري پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ۽ ان جي بهتري جو ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي ايجنڊا رکون ٿا، اسان جي ڌرڻن جي ايجنڊا نه آ??ي، اسان ملڪ کي ??هترين ??لڪ بڻائڻ جي ايجنڊا رکون ٿا ۽ ملڪ ان طرف گامزن آهي. هن چيو ته مون کي هتي موٽروي ٺهڻ تي تمام گهڻي خوشي آ??ي، برهان کان حويليان تائين ??وٽروي تي پهرين ??رحلي ۾ ڪم شروع ڪيو، هاڻي حويليان کان شنڪاري تائين ??وٽروي شروع ٿي رهي آ??ي، هي ان موٽروي کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهي جيڪا لاهور ۽ اسلام آباد يا پشاور وڃي رهي آ??ي، اها به ڇهن ڦاڪن وا??ي آهي ۽ هي به ڇهن ڦاڪن وا??ي آهي.
وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي خطاب
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا