اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته حمزه شهباز ڊرامو بند ڪندي عورتن ۽ ٻارن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ بدران قانون جو احترام ڪندي گرفتاري ڏئي ڇڏي، 10 سالن ۾ 60 ارب ڊالر قرض جو هڪ وڏو ڪاٿو شريف ۽ زرداري خاندان جي کيسن ۾ هليو ويو آ??ي. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪالهه کان لاهور ۾ هڪ ڊرامو هلي رهيو آ??ي جنهن جو مرڪزي ڪردار حمزه شهباز شريف آهي، شريف ۽ زرداري خاندان سدائين قانون جو استعمال پنهنجي مرضي ۽ سهولت موجب ڪيو آ??ي، انهن جي نظر ۾ قانون اهو آ??ي جيڪو رڳو انهن کي سهولت ڏي ۽ اها انهن جي معصوم خواهش آهي ته قوم جو جيڪو پئسو انهن جي کيسن ۾ پيل آهي ڪير انهن کان اهو نه پڇندو ته ا??و پئسو ڪٿان آيو آ??ي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت