اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اداراجاتي ۽ گورننس سڌارن جي لاءِ پاڪسان جي مدد ڪرڻ تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت پٺتي پيل طبقن کي غربت مان ڪڍڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اهو ان جو ذاتي مشن به آهي، ٽيڪس بنياد کي سگهه ڏيڻ، اداراجاتي سڌارا متعارف ڪرائڻ ۽ خ??مت?? جي فراهمي لاءِ غيرروايتي حل ڳولڻ سٺي حڪمراني جو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي شعبا آهن. هن اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن نائب صدر شي زي چن جي قيادت ۾ س??نيئر صلاحڪار احسان خان ۽ اي ڊي بي جي پاڪستان لاءِ ڪنٽري ڊائريڪٽر چيائو هونگ يانگ سان گڏ ساڻس وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کڑک