اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 441 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض وائرس جي ڪري فوت ٿيا، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 5 هزار 540 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار 81 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 292، پنجاب ۾ 9 هزار 781، خيب??پخ??ونخوا ۾ 2 هزار 522، اسلام آباد ۾ 2 هزار 476، ب??وچ??تان ۾ 434، گلگت بلتستان ۾ 308، آزاد ڪ??مير ۾ 268 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 87 هزار 950 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪ??مير، گلگت بلتستان ۽ ب??وچ??تان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 99 ڪورونا جا م??يض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 855 آهي، جنهن مان آزاد ڪ??مير ۾ 2 هزار 356، ب??وچ??تان ۾ 13 هزار 227، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 137، اسلام آباد ۾ 15 هزار 840، خيب??پخ??ونخوا ۾ 36 هزار 755، پنجاب ۾ 97 هزار 461 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 115 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات