اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوالي سان خدشا مصنوعات جي روانگي وا??ار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ صنعتي مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو و??ير چوڌري فواد حسين، وا??ار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، وزيراعظم ??يڊ??ا آفيس موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو و??ير چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صنعتي ۽ ٻي مصنوعات جي معيار جي حوالي سان موجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوا??ٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي مصنوعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاران پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین