اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) چين پاڪستا?? اقتصادي راهداري (سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته گوادر پورٽ کي مڪمل ??ور فعال ڪيو ويو آهي، گوادر هوائي اڏي تي به ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي. گوادر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته هاڻي بندرگاهه تي ٽريفڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اڍائي ٽن سالن ۾ گوادر ۾ 12 هزار نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، گوادر پورٽ مان سامان جي فراهميءَ لاءِ آن لائن بُڪنگ ڪري سگه??ي ٿي. عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته گوادر هوائي اڏي تي ڪم ڪافي تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون