اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آهي، ڪورٽ رپورٽر سٺ?? طريقي سان اها ذميداري سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چوڌري فواد حسين پريس اي??وسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير راجا محسن اعجاز کي صدر ۽ عديل سرفراز کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عدليه تي عوام تي اعتماد وڌائڻ ۾ ڪورٽ رپورٽنگ جو اهم ڪردار آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جون خدمتون تحسي?? جي لائق آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ??ه صحافي?? جي ڀلائي لاءِ قدم اسان جو عزم آهي. صحافين کي ترجيح?? بنيادن تي صحت ڪارڊ فراهم ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ??ه صحت ڪارڊ جي ذريعي صحافي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندا?? جي لاءِ 10 لک روپين تائي?? جي مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پريس اي??وسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدار?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافي?? جي ڀلائي سميت ذميداراڻي صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ