اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي ??ريقيڪا?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي ??عبي ۾ انقلابي تبديلي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، روبونڪس ۽ آٽو ميشن جي ميدان ۾ قوم کي تيار ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. نسٽ جي ??يڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري صد?? کي سائنس ۽ انجنيئرنگ جي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نسٽ پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون بين المضامين تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي ته جيئن محققين جي ??يندڙ نسل کي ان جي مهارت سان ليس ڪري سگهجي ۽ نئين معلومات ۽ ٽيڪنالاجيز تخليق ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته نسٽ هڪ گهڻ شعبا يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مخت??ف شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ۽ آرٽس، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي پنهنجي ٻن پروگرامن ايم ايس انجنيئرنگ مئنيجمينٽ ۽ ايم ايس پيس اينڊ ڪانفليڪٽ اسٽڊيز آن لائين تعليم ذريعي پيش ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فنانس، مئنيجمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ۾ فليگ شپ ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪري ملڪ جي پيشيواراڻي ضرورتن کي پورو ڪري رهي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته مارڪيٽ جي ??ڌن??ڙ گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گر??جو??يٽس جي ??نگ ۾ اضافي جي لاءِ آن لائين تعليم جي ??ريقيڪا?? کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي ??وصلا افزائي ڪرڻ لازمي آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي آءِ ٽي جي ??عبي ۾ شاگردن جي مهارت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي ??ڌن??ڙ گهرج کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپا?? کي به وڌائي سگهجي. هن نسٽ ۾ نيشنل سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي ??ءِ ٽي سيڪٽر ۾ هائي ٽيڪ ڪمپنين پاران غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ سان گڏوگڏ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي منصوبن کي اختيار ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي مخت??ف شعبن ۾ سائنس جي ??عليم جي معيا?? کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ يونيورسٽي جي ??نتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو.
ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ لاءِ تعليم جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ