اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته خودڪش ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوان جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيڪ پوسٽ تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي ملڪ جي قابل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن جا محافظ ۽ قوم ج?? هيرو آهن قوم ا??هن هيروز کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته مو?? کي شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ آهي. پرڏيهي وزير خودڪش ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ڌرتي کي ملڪ دشمنن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردن ۽ ا??هن جي سرپرستن جو عبرتناڪ انجام ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش